صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر جي ملاقات

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪاروباري برادري پاڻيءَ جي فراهمي لائسنسنگ ۽ پارڪنگ جهڙن اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هارون اختر ان موقعي تي زور ڀريندي چيو ته هر سرڪاري آفيسر جو فرض عوامي خدمت آهي. هن چيو ته …

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪاروباري برادري پاڻيءَ جي فراهمي لائسنسنگ ۽ پارڪنگ جهڙن اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هارون اختر ان موقعي تي زور ڀريندي چيو ته هر سرڪاري آفيسر جو فرض عوامي خدمت آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادريءَ کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن خاطري ڪرائي ته اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس کي درپيش سمورا مسئلا فوري ۽ مؤثر انداز ۾ حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سي ڊي اي ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس وچ ۾ گڏيل تعاون سان ڪاروباري برادري جي سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. هارون اختر اسلام آباد جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سارسنڀال ۾ سي ڊي اي جو اهم ڪردار رهيو ۽ ڪاروباري شعبي سان حصيداريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. مسئلن جي مؤثر حل کي يقيني بنائڻ لاءِ هارون اختر سي ڊي اي ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي ميمبرن تي ٻَڌل هڪ گڏيل ڪميٽي جي قيام جو اعلان ڪيو. هن هدايت ڪئي ته ڪميٽيءَ جي اڳڀرائي ۽ ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل جي باري ۾ باقائدي ۽ وقت سر رپورٽون ان جي آفيس ۾ پيش ڪيون وڃن.

مزید خبریں