سنڌ ۾ موٽر ويز جي تعمير پهرين ترجيح آهي، ايم 6 ۽ ايم 10 ٻنهي کي گڏ شروع ڪيو ويندو: عبدالعليم خان

ڪراچي-26 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سنڌ ۾ موٽر ويز جي تعمير پهرين ترجيح آهي، ايم 6 ۽ ايم 10 ٻنهي کي گڏ شروع ڪيو ويندو. ايم 6 پاڪستان جي شه رڳ آهي ان کي گذريل حڪومتن نظرانداز ڪيو، بندرگاهه سان جوڙڻ کانسواءِ موٽر وي جي اهميت مڪمل نٿي ٿي سگهي. ٻنهي موٽر ويز کي ڪراچي پورٽ سان ڳنڍينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي …

ڪراچي-26 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سنڌ ۾ موٽر ويز جي تعمير پهرين ترجيح آهي، ايم 6 ۽ ايم 10 ٻنهي کي گڏ شروع ڪيو ويندو. ايم 6 پاڪستان جي شه رڳ آهي ان کي گذريل حڪومتن نظرانداز ڪيو، بندرگاهه سان جوڙڻ کانسواءِ موٽر وي جي اهميت مڪمل نٿي ٿي سگهي. ٻنهي موٽر ويز کي ڪراچي پورٽ سان ڳنڍينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم 6 تقريبن 400 ارب رپين جو پراجيڪٽ آهي ان ۾ 5 سيڪشن آهن هر سيڪشن 7 ڪلوميٽرن تي ٻَڌل آهي. سيڙپڪاريءَ لاءِ ان کان بهتر ڪو منصوبو نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ايم 6 جي ٻن سيڪشنن جي فنانسنگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٽين تي ڳالهيون جاري آهن انشاءَ الله ايندڙ 15 ڏينهن ۾ فزيبلٽي تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته سڀ کان پهرين موٽر وي ڪراچي حيدرآباد ۽ حيدرآباد سکر مڪمل ٿينديون اهڙيءَ طرح هن سان اين 25 ڪراچي کان ڪوئيٽه تي به ڪم شروع ٿيندو. عبدالعليم خان چيو ته ڪراچيءَ جو مسئلو صرف صوبي جو ناهي پر پاڪستان جومسئلو آهي ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان الزامن بدران پنهنجي حصي جي بهتري آڻڻ چاهيون ٿا منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ جي موٽر ويز کي سڀ کان پهرين شروع ڪيو وڃي اهڙيءَ طرح ڪاغان ناران موٽر وي کي مڪمل ڪيو وڃي. هن ٻُڌايو ته هڪ سال ۾ اين ايڇ اي جي روينيو ۾ رڪارڊ حد تائين واڌ ٿي آهي جيڪو نه صرف ان اداري پر ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ناهي ٿيو. اسان اين ايڇ اي جو ساليانو روينيو 64 ارب کان 110 ارب رپين تائين آڻينداسين ۽ ان اضافي رقم کي شاهراهن جي بهتري ۽ نئين موٽر ويز جي تعمير تي خرچ ڪنداسين. وفاقي وزير ٻُڌايو ته موٽر ويز تي خطرناڪ ڊرائيونگ جي حوصله شڪني ڪئي پئي وڃي، 150 ڪلوميٽر تي نه صرف چالان پر ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي. اهڙيءَ طرح ايم ٽيگ جي سهولت کي لازمي قرار ڏئي ڊگهين قطارن کان بچايو پيو وڃي ۽ جن شاهراهن تي موٽر ويز پوليس جي کوٽ هئي ان کي پورو ڪنداسين ۽ پنهنجي ڪراچي جي دؤري جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وفاقي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي جي چيئرمين سان گڏ ان سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ـ کيس پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ ۾ عارف حبيب جي سربراهيءَ ۾ بزنس ڪميونٽيءَ سان انتهائي بامقصد ۽ مثبت ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري به سنڌ جي موٽر ويز ۽ شاهراهن جي تعمير ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي رکي ٿي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ لياري ايڪسپريس وي لاءِ به گڏيل ٽيم بڻجي رهي آهي، جتي انٽرچينجز کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين ۽ وڌيڪ آپشنز تي غور ڪيو ويندو.

مزید خبریں