واپار وارو وفاقي وزير، اعليٰ سطحي سرڪاري دؤري تي جاپان پهچي ويو

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري دؤري تي ڪالهه جاپان پهتو. دؤري جو مقصد پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي. وزارت مان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير جو ڪانسائي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي پاڪستان جي اڪنامڪ منسٽر ڊائريڪٽر پاڪستان پويلين ايڪسپو 25ع ۽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسلر شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. …

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري دؤري تي ڪالهه جاپان پهتو. دؤري جو مقصد پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي. وزارت مان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير جو ڪانسائي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي پاڪستان جي اڪنامڪ منسٽر ڊائريڪٽر پاڪستان پويلين ايڪسپو 25ع ۽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسلر شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. اڄ اڱاري تي ڄام ڪمال خان اوساڪا ۾ جاري 25ع ورلڊ ايڪسپو ۾ پاڪستان جي نمائندگيءَ جي اڳواڻي ڪندو. ان کان علاوه ڄام ڪمال خان جاپان ايسوسيئيشن ورلڊ ايڪسپوزيشن جي نمائندن سان ملاقات به ڪندو. بعد ۾ وفاقي وزير مختلف ملڪن جي پويلينز جو دؤرو ڪندو جن ۾ پاڪستان پويلين خصوصي اهميت رکي ٿو. پاڪستان پويلين ۾ ملڪ جي اُڀرندڙ شعبن روايتي دستڪاري سياحتي ڪشش ۽ صنعتي قوت کي نمايان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. واپار وارو وزير سڄو ڏينهن ٻين اهم علائقائي عالمي حصيدارن جي پويلينز جو به دؤرو ڪندو. ان مصروفيتن کان علاوه هڪ سفارتي سانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو ۽ جاپاني عملدارن ڪاروباري شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو.

مزید خبریں