لاهور - 26 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اٽڪ جي تنظيمي وفد ۽ ٽڪيٽ هولڊرز گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آهي ته سموريون سياسي پارٽيون …
صدر آصف علي زرداري سان پنجاب جي گورنر جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي اٽڪ جي تنظيمي وفد ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي ملاقات

مزید خبریں
لاهور – 26 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اٽڪ جي تنظيمي وفد ۽ ٽڪيٽ هولڊرز گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آهي ته سموريون سياسي پارٽيون آهن. هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پيپلزپارٽي سميت سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي فوج سان گڏ بيـٺل رهيون ۽ ڀارت کي شڪست کي منهن ڏسڻو پيو. صدر آصف علي زرداري ان موقعي تي چيو ته پيپلزپارٽي سدائين ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن ۽ اها روايت اڳتي به جاري رهندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ متحرڪ ۽ فعال ٿي وئي آهي ۽ هي پارٽي مزدورن، پورهيتن، سرڪاري ملازمن ۽ پيڙهيل طبقي جي پارٽي آهي. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان ملڪ جون اڳيون نوجوان وزيراعظم هوندو. ان موقعي تي اٽڪ جي تنظيم صدر آصف علي زرداري کي اٽڪ جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.










