اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ ٽيڪس چوري جي روڪٿام ۾ ڊجيٽلائزيشن جو ڪردار اهميت وارو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ کي آسان بنايو پيو وڃي. جاري مالي سال دوران قرضن جي واپسيءَ ۾ هڪ ٽريلين رپين جي گهٽتائي ٿي، ايندڙ مالي سال دوران ڊيبٽ مئنجمينٽ آفيس کي جديد رُخن تي اختيار ڪيو ويندو، ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن ٽيڪس جا اهل ماڻهو پنهنجو ٽيڪس وقت سر ادا ڪندا. ڪارانداز پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪ ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران اندرين توڙي ٻاهرين ملڪن پاڪستان جي ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي حصيدارن دوست ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن ۽ سيڙپڪارن سان ان جون ملاقاتون ٿيون. ان ملاقاتن ۾ اسان کي ٻه واضح پيغام مليا آهن. پهريون هي ته ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخا حصيدار دوست ملڪ جي ناڻي وارا وزير ۽ سيڙپڪار پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي بهتري ۽ معيشت جي استحڪام کان مطمئن آهن. هو اقتصادي استحڪام خاص ڪري پاليسي ريٽ، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي رفتار جي به ساراهه ڪري رهيا آهن. انهن جو ٻيو پيغام هي آهي ته پاڪستان کي پاليسين جو تسلسل برقرار رکڻو پوندو. پاڪستان گذريل سالن ۽ گذريل ڏهاڪي ۾ به معاشي استحڪام حاصل ڪيو هو، جڏهن ته ان کي برقرار نه رکيو ويو. اسان کي هاڻ لاهن چاڙهن جي چڪرن کي ختم ڪرڻو پوندو، ان لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. ٽيڪس جي حوالي سان ماڻهو پراسز ۽ ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏئي رهيا آهن. ايف بي آر جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ نجي شعبو قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرال بورڊ جو چيئرمين ۽ اڪثر ميمبرن جو تعلق نجي شعبي سان آهي. ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن ۾ ڪارانداز جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ ٽيڪس چوريءَ جي روڪٿام ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو ڪردار اهميت وارو آهي، ان سان گڏوگڏ ٽيڪس جي عمل کي آسان بنائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي. پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ کي آسان بنايو پيو وڃي. هن چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ اويس لغاري ۽ علي پرويز ملڪ ڪم ڪري رهيا آهن. ايس او ايز ۾ سڌارن جو عمل به جاري آهي. 24 ادارن کي نجڪاريءَ لاءِ نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ گذريل سال اسان جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي. مشير محمدعلي جي اڳواڻيءَ ۾ هن عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. 3 ڊسڪوز جي نجڪاري ٿي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي رائٽ سائزنگ جو عمل مرحليوار جاري آهي، پينشن سڌارن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، حڪومت مالياتي نظم و ضبط آڻي رهي آهي. جاري مالي سال دوران قرضن جي واپسيءَ ۾ هڪ ٽريلين رپين جي گهٽتائي ٿي. ايندڙ مالي سال دوران ڊيبٽ مئنجمينٽ آفيس کي جديد رُخن تي آندو پيو وڃي. ان لاءِ مختلف ماڊلز جو تجربو ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي سڌارا آهن جن سان ملڪي معيشت کي پائيدار اؤسر جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان بجيٽ ۾ دليراڻي فيصلا ڪيا ويندا. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته بجيٽ جي دستاويزن کي حساب ڪتابن جي دستاويزن بدران تزويراتي بنايو وڃي جنهن ۾ ملڪ جي معاشي اسٽريٽجڪ رُخ موجود هجي. هن چيو ته اسان جي جي ڊي پي 400 ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي، مستقبل جي هدفن جي حاصلات ۾ وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون ٻه وڏيون رڪاوٽون آهن. موسمياتي تبديليون تيزيءَ سان اثرانداز ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان اسان عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ان کي چيو آهي ته اسان کي بنيادي ڍانچي لاءِ معاونت جي ضرورت آهي. اسان اڊاپٽيشن فنانسنگ تي به ان سان ڳالهايو، عالمي بئنڪ جي 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ۾ 6 کان 4 نُڪتا وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين بابت آهن، ان ٻنهي معاملن کي اسان ترجيحي حيثيت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سياسي قيادت هاڻوڪي ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور مقابلو ڪيو. پوري قوم پاڪستان جي فتح تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ به ان معاملن کي اڳتي وڌايو آهي. وفاقي وزير چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪارپوريٽ شعبي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان حوالي سان مسئلن جي حل طرف وڃڻو پوندو. ترقياتي مالياتي ادارن کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن ٽيڪس جا اهل ماڻهو پنهنجي ٽيڪس وقت سر ادا ڪندا جهڙيءَ طرح ڀارتي اڳرائي دوران اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو هو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاشي محاذ تي به ان اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو وڃي.