اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ موسمياتي لچڪ ۽ ماحولياتي پائيداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڀائيواريءَ تي اتفاق ڪيو ويو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪر جنرل برونو ڪاراسڪو اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ريزيلينس ۽ ماحولياتي استحڪام جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ هو. ڌُرين موسمياتي تبديلي جي موجود چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع دورانديشن ۽ نتيجا ڏيندڙ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان سلسلي ۾ هڪ گڏيل قومي حڪمت عملي ۽ موسمياتي پاليسي فريم ورڪ جي جوڙجڪ تي اتفاق راءِ ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي ماحولياتي ريزيلينس ۾ مؤثر اضافو ممڪن بنائي سگهجي. اجلاس ۾ نوجوانن جي قيادت ۾ موسمياتي قدمن کي هٿي ڏيڻ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن تحت نوجوانن کي انڪيوبيشن، مالي معاونت ۽ رهنمائيءَ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي هڪ اهڙو منصوبو جوڙي سگهن جيڪو نه صرف ماحول دوست هجي پر عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري حيثيت رکندڙ هجي. موسمياتي ماليات گڏيل منصوبا ۽ سيڙپڪاريءَ بابت معاملا به بحث هيٺ آيا ته جيئن پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۽ وسيلن جي دستيابيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صرف رٿابندي ڪافي ناهي پر عملي قدمن ۽ ان جي مؤثر لاڳو ٿيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌُرين جي هم آهنگي اڻٽر آهي. هن ان موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان هر مرحلي تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ته جيئن طئي ٿيل هدفن کي مؤثر انداز ۾ تڪميل تائين پهچائي سگهجي. ڌُرين ڪاربن ڪريڊٽ جو بنياد تي حصيداري جي امڪانن جو به جائزو ورتو جنهن جو مقصد ماحولياتي ڪارڪردگي ۽ خرچن ۾ گهٽتائيءَ جي ثمرن کي مالي لحاظ کان قابلِ قدر بنائڻ آهي. گڏيل عملي منصوبا بندي موسمياتي پاليسيءَ تي ٻَڌل قرض سهولتون صلاحيت سازيءَ تي ٻَڌل ورڪشاپس ۽ عوامي آگاهي مهمن تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن اداره جاتي سگهه ۾ واڌ ۽ قومي سطح تي موسمياتي شعور جي واڌ کي ممڪن بنائي سگهجي.