اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير، ڪي پي ڪي، اسلام آباد، ڏکڻ پنجاب، اتر اولهه بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن جهڙالي رهڻ سميت طوفان ۽ جهڪ هلڻ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي 46، جيڪب آباد، دالبندين، بدين ۽ ڇور ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.