ڪراچي- 26 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ جرمنيءَ جي ڪولون يونيورسٽيءَ تعليم ۽ تعليمي تحقيق ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن. ٻنهي ادارن مصنوعي ذهانت ۽ اسٽيم سيل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تحقيق کي فروغ ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. اهڙي مفاهمت جي يادداشت تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ ڪولون يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف نيورو فزيالوجي جي چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر جرگن هيشلر، ڊاڪٽر صحرائي جي تازي ڪولون يونيورسٽيءَ جي دوري دوران صحيحون ڪيون. ايم او يو تحت فيصلو ڪيو ويو ته ليڪچر سيريز ۽ ورڪشاپس سميت تعليمي پروگرامن جي سلسلي ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪيو ويندو، فنڊيڊ تحقيقي منصوبن ذريعي گڏيل تحقيقي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو، فيڪلٽي ۽ عملي جي تبادلي يا تحقيقي ماڊلز کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ گڏيل دورا ڪيا ويندا، ۽ شاگردن جي ايڪسچينج ۽ انهن جي دورن جا پروگرام پڻ شروع ڪيا ويندا. ان سان گڏ ٿيندڙ تحقيقي ڪم ۽ ٻين تحقيقي سرگرمين جا نتيجا گڏيل فائدي لاءِ تيار ڪيا ويندا. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي 26 مئي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ اجلاس ۾ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خاص طور تي تحقيق جي ميدان ۾ فائدو پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ بين الاقوامي سطح تي مڃيل تعلميي ادارن سان سهڪار کي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاڪستان جي مختلف صوبن جي يونيورسٽين سان پڻ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. هن سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ سان سهڪار ڪرڻ تي ڪولون يونيورسٽي جي انتظاميا جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻئي ادارا تحقيق جي ميدان ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌندا.