قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران لاهور قلندرز کي مبارڪون

اسلام آباد _ 26 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور قلندرز کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن جي پيغام ۾ هن چيو ته لاهور قلندرز جي فتح ٽيم ورڪ ۽ محنت جو نتيجو آهي. پي ايس ايل 10 جي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي بهترين ڪرڪيٽ …

اسلام آباد _ 26 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور قلندرز کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن جي پيغام ۾ هن چيو ته لاهور قلندرز جي فتح ٽيم ورڪ ۽ محنت جو نتيجو آهي. پي ايس ايل 10 جي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. پي ايس ايل 10 ۾ سمورين ٽيمن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ مداحن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. پي سي بي چيئرمين ۽ پي سي بي انتظاميا کي بهترين انتظامن تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پي ايس ايل 10 ۾ مثالي سيڪيورٽي انتظامن تي سيڪيورٽي ادارا خراج تحسين جا مستحق آهن. ان موقعي تي پرڏيهي رانديگرن جي شرڪت عالمي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ميچز پرامن طور منعقد ٿيڻ سان پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ٿي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ايس ايل 10 ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن رانديگرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں