ڪوئيٽا-26 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪري م ڪنڊي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. دوري دوران گورنر سي ايم ايڇ اسپتال ۾ اسڪول بس تي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻارن جي عيادت، بلوچستان جي وقتي گورنر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي سان ملاقات، بلوچستان اسيمبلي جو دورو ۽ قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ان کان علاوه هو بلوچستان جي وڏي وزير طرفان ڏنل سانجهاندي ۾ به شرڪت ڪندو.