استنبول – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري تهران جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ دفاع واري وزير يشار گولر، استنبول جي ڊپٽي گورنر الڪر حق تان ڪجماز، پاڪستان ترڪيه ڪلچرل ايسوسيئيشن جي صدر برهان قاياترڪ، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد، قونصلر جنرل استنبول نعمان اسلم، ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪارن استنبول جي هوائي اڏي تي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. وزيراعظم جي دوري جو مقصد ترڪ عوام ۽ خاص طور تي صدر اردوان جي تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ ڀرپور تعاون ۽ حمايت تي ٿورا ادا ڪرڻ هو. وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي دوري دوران سندس ايران جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ٿينديون.