اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) پاڪستان کي ڊجيٽل پيداوار جو عالمي اڳواڻ بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم تحت حڪومت بٽ ڪوائن مائيننگ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊيٽا سينٽرز جي ترقي ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ وارن قومي قدمن جي پهرين مرحلي ۾ 2000 ميگاواٽ بجلي رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. وسيع حڪمت عملي تحت فاضل بجلي کي استعمال ۾ آڻڻ، هاءِ ٽيڪ نوڪريون پيدا ڪرڻ، اربين ڊالرن جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ اربين ڊالر ڪمائڻ لاءِ ان قدم جي سربراهي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل (پي سي سي) ڪئي آهي، جيڪو ناڻي واري وزارت جو هڪ ذيلي ادارو آهي. فنانس ڊويزن مطابق ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اهو اسٽريٽجڪ قدم پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي سفر ۾ اضافي توانائي جي جدت، سيڙپڪاري ۽ عالمي آمدني واپار ۾  اضافي ۽ اقتصادي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان ڊيٽا سينٽرز  عالمي مرڪز بڻجڻ لاءِ جاگرافيائي ۽ اقتصادي لحاظ کان هڪ منفرد هنڌ تي واقع آهي. پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي قيام کان پوءِ بٽ ڪوائن جي مائيننگ ۽ ڊيٽا انفراسٽرڪچر جي عالمي ڪمپنين طرفان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.  ڪيترين ئي عالمي ڪمپنين اڳ ۾ ئي ان حوالي سان پاڪستان جو دورو ڪيو آهي جڏهن ته  ان تاريخي اعلان کان پوءِ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ عالمي رانديگرن جي پاڪستان اچڻ جي اميد آهي. فنانس ڊويزن مطابق پاڪستان جي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي هاڻي هڪ اعليٰ، قيمتي ڊجيٽل اثاثي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اي آءِ ڊيٽا سينٽرز ۽ بٽ ڪوائن مائيننگ آپريشنز کي مستقل ۽ وڌيڪ توانائي جي استعمال طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڪستان واضح طور تي اسٽريٽجڪ فائدي کي وڌيڪ واضح ڪندي چيو ته جيئن ته اي آءِ ڊيٽا سينٽرز جي طلب جي ڊبليو 100 کان وڌيڪ آهي ۽ عالمي سپلاءِ جي ڊبليو 15  جي لڳ ڀڳ آهي. بجلي جي فراهمي ۾ وڏي پئماني تي اها گهٽتائي پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ بي مثال موقعو پيدا ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي سب ميرين انٽرنيٽ ڪيبل سان پاڪستان جي ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي به نمايان طور تي مضبوط ٿي آهي. آفريقا-2 ڪيبل پروجيڪٽ 45000 ڪلوميٽر ڊگهو عالمي نيٽ ورڪ 33 ملڪن کي 46 لينڊنگ اسٽيشنن ذريعي جوڙي ٿو، جنهن ۾ هاڻي پاڪستان به شامل ٿي چڪو آهي. اهو سنگ ميل فالتو فائبر روٽس ذريعي پاڪستان جي انٽرنيٽ بينڊ وڊٿ،  ليننسي ۽ لچڪ  کي هٿي ڏئي ٿو جيڪو اي آءِ ڊيٽا سينٽرز لاءِ اعليٰ دستيابي ۽ آپريشنل کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهي. 250 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ 40 ملين کان وڌيڪ ڪرپٽو  صارفين سان پاڪستان ڊجيٽل سروسز ۾ هڪ علائقائي اڳواڻ طور بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. اهو اعلان هڪ وسيع تر، ملٽي اسٽيج ڊجيٽل انفراسٽڪچر رول آئوٽ جي صرف پهرين مرحلي جي نشاندهي ڪري ٿو. مستقبل ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۾ تجديد جوڳي توانائي سان هلندڙ سهولتون شامل هونديون. پاڪستان جي بي پناهه هوا (گهارو-ڪيٽي بندر راهداري ۾ 50000 ميگاواٽ صلاحيت)، شمسي ۽ پن بجلي جي وسيلن، مشهور بلاڪ چين ۽ اي آءِ ڪمپنين سان گڏ اسٽريٽجڪ عالمي شراڪتداري ۽ فنٽيڪ ۽ پيداواري مرڪز جي قيام جي ڪوششن کي ڄاڻايل ترغيبون ٽيڪس مراعتون، اوزارن تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڇوٽ ۽ اي آءِ انفراسٽرڪچر  ڊولپرز لاءِ گهٽ ٽيڪسن ذريعي هٿي ڏني ويندي. پاڪستان جي اضافي توانائي، جاگرافيائي فائدي، جديد پاڻي هيٺ ڪيبل ڪنيڪٽويٽي، تجديد جوڳي توانائي جي صلاحيت ۽ ڊجيٽل طور تي مصروف آبادي جو هڪ وڏو حصو ويب ٿري، اي آءِ ۽ ڊجيٽل پيداوار جو هڪ انتهائي اهم علائقائي مرڪز بڻجڻ لاءِ تيار آهي.