اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ۽ عالمي سطح تي غربت جي خاتمي، اڻبرابري ۾ گهٽتائي، ترقي جي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل، موثر ۽ عملي قدمن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، نوجوانن جي لاءِ باعزت روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي موقعا ئي …
غربت جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي، حڪومت عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ۽ عالمي سطح تي غربت جي خاتمي، اڻبرابري ۾ گهٽتائي، ترقي جي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل، موثر ۽ عملي قدمن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، نوجوانن جي لاءِ باعزت روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي موقعا ئي غربت جي خاتمي جا اصل ضامن آهن، غربت جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي، حڪومت، صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ مقامي آبادين جي گڏيل ڪوششن سان ئي سماجي ۽ معاشي طور تي محفوظ، روزگار جي ذريعن ۾ پاڻڀرو ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن پاڪستان يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جيڪو عالمي سطح تي گڏيل قومن پاران ٽي سالا عالمي مهم (2026ع کان 2028ع) جي موضوع “امن ۽ انساني حقن جي لاءِ متحد” ۽ سال 2026ع جي ذيلي موضوع “سڀني جي لاءِ محفوظ گهر” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن ڏينهن تي قومي ۽ عالمي سطح تي غربت جي خاتمي، اڻبرابري ۾ گهٽتائي، ترقي جي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل، موثر ۽ عملي قدمن جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، هر شهري جي سماجي ۽ معاشي حقن جو تحفظ، عزت ۽ وقار جي حفاظت ۽ معاشي آسودگي جا برابر موقعا بنا ڪنهن شڪ جي بنيادي انساني حقن ۾ شامل آهن، غربت جو خاتمو حقيقت ۾ معاشرتي ورڇ ۽ ٻين سماجي برائين جي خاتمي جو سبب پڻ بڻجي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال هن ڏينهن جا عنوان غربت جي خاتمي، پرامن منصفاڻو معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ۽ متحد ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا، مالي خوشحالي، خوراڪ جي وڌيڪ فراهمي سان گڏوگڏ محفوظ رهائش غربت جي خاتمي جي ثمرن ۾ شامل آهي، محفوظ ۽ باوقار رهائش حقيقت ۾ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي، حڪومت شهرين خاص طور تي مالي لحاظ کان ڪمزور طبقن جي باعزت رهائش کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت آسان قرض فراهم ڪري رهي آهي، مالي مشڪلاتن کانسواءِ موسمياتي تبديلي جا اثر ٻوڏ ۽ برساتون پڻ رهائش جي کوٽ جو سبب بڻجن ٿيون، وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت پهچ جي قابل گهرن جي تعمير ۽ خريداري جي لاءِ مالي مدد تائين پهچ وڌائي پئي وڃي. هن چيو ته عوام جي سماجي ۽ معاشي ڀلائي جي لاءِ قدم حڪومت جي آئيني ذميواري آهن، پاڪستان جو آئين فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ قومي عزم جو آئينه دار آهي، ان آئيني ذميواري جي روشني ۾ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، سماجي تحفظ کي انساني ترقي، هنرمندي جي فروغ، روزگار جي ذريعن ۽ معاشي خودمختياري جي قدمن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن چيو ته سڌوسنئون مالي مدد جي لاءِ حڪومت سماجي ڀلائي جي پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ڀرپور انداز ۾ جاري رکيو آهي، مستحق ماڻهن کي استحصال کان بچائڻ ۽ امداد جي ورڇ جي نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قومي سماجي ۽ معاشي رجسٽري ۽ ڊيجيٽل سماجي تحفظ والٽ جاري ڪيو ويو آهي، ڊيجيٽل ورڇ جي ذريعي مستحق ماڻهن جي موثر نشاندهي، شفافيت ۽ مالي شموليت وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته مستحق ماڻهن جي مستقل روزگار جي ذريعن جي بندوبست جي لاءِ حڪومت تعليم جي برابر موقعن جي فراهمي ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دانش اسڪول سسٽم تحت قابل ٻارن جي لاءِ طبقن جي فرق کي مٽائيندي مڪمل نگهداشت سان اعلى تعليمي موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار سان هم آهنگ فني صلاحيت ۽ ڪارائتي هنرمندي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي نيشنل ووڪيشنل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) کي وڌيڪ فعال ڪيو ويو آهي، نوجوانن جي لاءِ باعزت روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي موقعا ئي غربت جي خاتمي جا اصل ضامن آهن، حڪومت، وزيراعظم يوٿ پروگرام، اڏار پاڪستان، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (پي پي اي ايف) جهڙن ٻين قدمن جي ذريعي روزگار جي ذريعن ۽ بنيادي ڍانچي ۾ بهتري سان غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهي ئي قدم رهائش، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ محرومين جو ازالو ڪندا ۽ ڪمزور ۽ مستحق خاندانن کي پنهنجي روزگار جي ذريعن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشي پاڻڀرائپ طرف وڌڻ ۾ مدد ڏيندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان ڳالهه جي لاءِ پڻ پُرعزم آهي ته ٻار، بزرگ شهري، خصوصي ماڻهو ۽ معاشري جا ٻيا محروم پٺتي پيل طبقا معاشي آسودگي حاصل ڪن، انتهائي غربت ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ پڻ حڪومت خصوصي منصوبي جي شروعات ڪري رهي آهي ته جيئن انتهائي غريب خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ هڪ جامع مدد پئڪيج فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته غربت جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي، حڪومت، صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ مقامي آبادين جي گڏيل ڪوششن سان ئي سماجي ۽ معاشي طور تي محفوظ، روزگار جي ذريعن ۾ پاڻڀرو ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن پاڪستان يقيني بڻائي سگهبو. هن چيو ته اچو، اسان هڪ خوشحال ۽ روشن مستقبل رکندڙ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪريون ته جيئن ڪو به ماڻهو ۽ طبقو ترقي جي ثمرن کان محروم نه رهي.











