ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 39 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 17 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 40 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار …

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 39 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 17 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 40 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 48 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 41 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 44 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 16 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻُڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1518.45 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.858 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1198.50 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.142 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.60 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.161 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.