سان فرانسسڪو- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري ڀائيواري جا وسيع موقعا موجود آهن، آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي رابطن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادري اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪري. ڇنڇر ڏينهن واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان مطابق پاڪستان جي سفير گريٽر سان …
پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري ڀائيواري جا وسيع موقعا موجود آهن: رضوان سعيد شيخ

مزید خبریں
سان فرانسسڪو- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري ڀائيواري جا وسيع موقعا موجود آهن، آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي رابطن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادري اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪري. ڇنڇر ڏينهن واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان مطابق پاڪستان جي سفير گريٽر سان فرانسسڪو بي ايريا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڪميونٽي جي نمائندن پاڪستاني سفير جي شرڪت تي سندس ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سفارتخاني جي ڪوششن کي ساراهيو. هن علائقي ۾ پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادري کي قونصلر خدمتن جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لاس اينجلس ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل جو به ٿورو مڃيو. پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادري کي خطاب ڪندي رضوان سعيد شيخ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪميونٽي جي منفرد اهميت کي اجاڳر ڪيو. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي پراڻي ۽ اهم لاڳاپن تي روشني وجهندي انهن رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادري جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪي. هن چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري ڀائيواري جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ڪميونٽي تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ موجود هاڪاري اڳڀرائي سان پيدا ٿيندڙ موقعن کي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون ۾ تبديل ڪري. رضوان سعيد شيخ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڪاروباري طبقن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارتخاني طرفان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن کي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل اقتصادي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪن.










