ناڻي واري وزير جي شارجه اسلامڪ بينڪ جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي شارجه اسلامڪ بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ مالياتي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي ناڻي واري وزير مالياتي …

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي شارجه اسلامڪ بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ مالياتي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي ناڻي واري وزير مالياتي ۽ پرڏيهي شعبن جي اهڃاڻن ۾ بهتري، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي ذخيرن ۾ اضافي، ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت اڳڀرائي کي اجاڳر ڪيو. ملاقات ۾ سڪوڪ جي امڪاني جاري ٿيڻ، روپئي ۾ ماليت ۽ ڊالر ۾ ادائيگي وارن مالياتي ذريعن، وڌيڪ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ ۽ يورو بانڊز جي ٽوڪنائيزيشن جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. هن مجموعي پرڏيهي قرضن ۾ اضافو ڪرڻ بنا مهانگي گهٽ مدي واري قرضن جي جاءِ تي بهتر مالياتي ذريعا اختيار ڪرڻ، قرضن جي ادائيگي جو مدو وڌائڻ ۽ ادائيگين جي بار کي مختلف وقتن ۾ متوازن رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي طرفان ملٽي ليٽرل انويسٽمنٽ گارنٽي ايجنسي جي ضمانت سان مالي معاونت ۽ عالمي سطح تي مالي وسيلاحاصل ڪرڻ جي وڌندڙ لاڳت تي به ڳالهيون ڪيون ويون. شارجه اسلامڪ بينڪ جي وفد پاڪستان سان سهڪار جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سڪوڪ جي جاري ٿيڻ ۾ شرڪت لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ناڻي واري وزير ريفائنرين جي اپ گريڊيشن، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ هوائي اڏن جي انتظام کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ مالياتي ادارن طرفان سيڪيورٽيز جي جاري ٿيڻ ذريعي سيڙپڪار مارڪيٽن لاءِ معياري حوالي جاتي پيمانو جوڙڻ ۽ ڪاروباري ادارن، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن ۽ زرعي شعبي لاءِ قرضن جي فراهمي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.