ناڻي واري وفاقي وزير جي عجمان بينڪ جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي عجمان بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ مالياتي تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري بيان مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير مالياتي …

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي عجمان بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ مالياتي تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري بيان مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير مالياتي ۽ پرڏيهي شعبن جي انگن اکرن ۾ بهتري کي اجاڳر ڪندي معاشي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ سڪوڪ جي امڪاني جاري ٿيڻ، روپئي ۾ ماليت ۽ ڊالر ۾ ادائيگي وارن مالياتي ذريعن ۽ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جي ذريعن ۾ تنوع آڻڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن مجموعي پرڏيهي قرضن ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ گهٽ مدي وارن قرضن جي جاءِ بهتر شرطن تي مالي وسيلا حاصل ڪرڻ، قرضن جي ادائيگي جو مدو وڌائڻ ۽ ادائيگين جي بار کي هڪ ئي عرصي ۾ گڏ ڪرڻ کان بچائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير تعاون وڌائڻ ۾ عجمان بينڪ جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ مستقبل جي مالياتي معاملن ۾ بينڪ جي شموليت ۽ مشاورت جي آجيان ڪئي. ٻنهي طرفان علائقائي تڪرارن جي معاشي اثرن، بينڪاري شعبي جي مضبوطي ۽ مالياتي نظم و ضبط سان هم آهنگ هدفي ٻارڻ سبسڊي تي ڳالهيون ڪيون ويون، ڳالهين ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڀاڻ جي دستيابي کي به اجاڳر ڪيو ويو. جنهن غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏني.