لنڊن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانيا پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضروري سفر کان علاوه سعودي عرب وڃڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانوي پرڏيهي آفيس اها هدايت يمن جي حوثين طرفان سعودي عرب تي حملن کي نظر ۾ رکندي جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ به ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي سعودي عرب جو سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. سعودي …
حوثين جي حملن کانپوءِ برطانيا پاران پنهنجي شهرين کي سعودي عرب جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت
لنڊن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانيا پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضروري سفر کان علاوه سعودي عرب وڃڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانوي پرڏيهي آفيس اها هدايت يمن جي حوثين طرفان سعودي عرب تي حملن کي نظر ۾ رکندي جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ به ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي سعودي عرب جو سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. سعودي عرب ۾ آمريڪي سفارتخاني به سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪندي آمريڪي شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته سعودي هوائي اڏن تي حملن کي نظر ۾ رکندي، سعودي عرب ايندڙ يا اتان روانو ٿيڻ لاءِ هوائي سفر بجاءِ نجي گاڏي، ريل گاڏي يا بس جي استعمال تي غور ڪيو وڃي.












