قومي هيروز جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد رکڻ ۽ نئين نسل کي ملڪ جي تاريخ کان روشناس ڪرائڻ  قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ترجيحن ۾ شامل آهي: اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته قومي هيروز جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد رکڻ ۽ نئين نسل کي ملڪ جي تاريخ کان روشناس ڪرائڻ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پنهنجي وڏڙن جي جي نقش قدم تي هلي ئي اسان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته قومي هيروز جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد رکڻ ۽ نئين نسل کي ملڪ جي تاريخ کان روشناس ڪرائڻ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پنهنجي وڏڙن جي جي نقش قدم تي هلي ئي اسان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ پاڪستان جي بانين ۾ مٿانهون مقام رکندڙ ۽ ملڪ جي پهرين وزيراعظم شهيدِ ملت لياقت علي خان جي 75 هين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل خصوصي تصويري نمائش جو افتتاح ڪندي ڪيو. تقريب ۾ شهيدِ ملت جي پوٽي جي ڌيءَ  سمعيا لياقت علي خان مهمان اعزازي طور شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي نمائش جي ڪوٺائڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته شهيدِ ملت جي خاندان جو هڪ فرد پڻ هن موقعي تي موجود آهي. هن چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ماتحت ادارن ۾ قومي شخصيتن جي زندگين، خدمتن ۽ قربانين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙين سرگرمين بندوبست ڪيو پيو وڃي. هن قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته اهڙيون نمائشون اسان کي پنهنجي وڏڙن جي قربانين جي ياد ڏيارين ٿيون ۽ ان عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪن ٿيون ته اسان سندن نقش قدم تي هلندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته پي اين سي اي جي ان قدم کي هٿي ڏيندي ڄاڙن شهرن جي نوجوانن ۽ شاگردن کي به نمائش جي دعوت ڏني ويندي ته جيئن کين پنهنجي تاريخ، قومي اڳواڻن ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي جدوجهد جي ويجهو آڻي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن قومي هيروز جي ياد ۽ انهن جي خدمتن کي نئين نسل تائين پهچائڻ جيِ ڀرپور ڪوشش  ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوان پنهنجن محسنن کي ياد رکن ۽ ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن. ان موقعي تي سمعيا لياقت علي خان شهيدِ ملت جي ياد ۾ تصويري نمائش ڪوٺائڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جو ٿورو مڃيو. هن پنهنجي خاندان جي يادن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته لياقت علي خان جي شهادت سندس زندگي جو سڀ کان وڏو حادثو هو. سمعيا لياقت علي خان جي مطابق، هي واقعو سندس خاندان جي زندگي ۾ اوچتي ۽ فيصلائي تبديلي جو سبب بڻيو. هن چيو ته قوم جي شهيدن جي ياد ۾ اهڙيون تقريبون ۽ نمائشون سندس زندگي، خدمتن ۽ قومي تاريخ ۾ سندن ڪردار کي زنده رکڻ جي اهميت رکن ٿيون.