بئنڪاڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل ترقي، ٽيڪس ۽ ٽيرف سڌارن ۽ مالياتي تحفظ جي اثرائتي قدمن ذريعي معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه جمعي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ آَف پاڪستان جي گورنر سان گڏ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف …
پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل ترقي، معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
بئنڪاڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل ترقي، ٽيڪس ۽ ٽيرف سڌارن ۽ مالياتي تحفظ جي اثرائتي قدمن ذريعي معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه جمعي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ آَف پاڪستان جي گورنر سان گڏ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن 2026ع جي موقعي تي مٽسوبشي يو ايف جي فنانشل گروپ جي اهتمام هيٺ سيڙپڪارن جي اجلاس ۾ شرڪت دوران چئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي معاشي منظرنامي ۽ مالياتي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير مالياتي استحڪام، بنيادي مالياتي سرپلس، آءِ ايم ايف پروگرام تحت اڳڀرائي،مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ناڻي واري اوسر 3.5 کان 4.5 سيڪڙو رهڻ جي ڪاٿي تي تفصيل سان روشني وڌي. اجلاس ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي بهتري، پرڏيهه مان ايندر ناڻي ۽ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ واڌ، قرضن جي ادائيگي، ٻطرفي قرض جي مدت ۾ واڌ ۽ مهانگي مختصر مدت جي قرضن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري فارن ايڪسچينج لبرلائزيشن، زرعي آمدني تي ٽيڪس، مالياتي اختيارن جي منتقلي ۽ روپئي ۾ متعين پر ڊالر ۾ ادائيگي وارا بانڊز جاري ڪرڻ جي وقت بابت سيڙپڪارن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن واضح ڪيو ته مستقبل ۾ بانڊز جاري ڪرڻ وقت مارڪيٽ جي صورتحال ۽ قرضن جي انتظام جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آئي ايم ايف پروگرام جي تڪميل کان پوءِ به معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ مالياتي تحفظ جا موثر وسيلا، ٽيڪس سڌارا ۽ روانگي اوپار تي ٻڌل ترقي ضروري آهي. انهن قدمن سان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي ٿي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن، علائقائي ڇڪتاڻ، توانائي جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ ضرورتن لاءِ امڪاني واڌو خرچن کي بجيٽ اندر رکڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











