شهيد ملت لياقت علي خان جون قومي خدمتون ۽ قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن، سندس فڪر اڄ به مشعل راهه آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شهيد ملت نوابزاده لياقت علي خان جي 75 هين ورسي تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو پاڪستان جي تحريڪ جو هڪ عظيم اڳواڻ ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو قابل اعتماد ساٿي هو، جنهن پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، سندس سياسي بصيرت، اصول پسندي، قرباني ۽ پاڪستان سان پختي …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شهيد ملت نوابزاده لياقت علي خان جي 75 هين ورسي تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو پاڪستان جي تحريڪ جو هڪ عظيم اڳواڻ ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو قابل اعتماد ساٿي هو، جنهن پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، سندس سياسي بصيرت، اصول پسندي، قرباني ۽ پاڪستان سان پختي وابستگي قومي تاريخ جو فخر جوڳو اثاثو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي پهرين وزيراعظم جي حيثيت سان شهيدِ ملت انتهائي ڏکين حالتن ۽ محدود وسيلن باوجود نئين ڄاول رياست جي رهنمائي ڪئي، قومي ادارن جي استحڪام، جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪي سلامتي لاءِ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن قائداعظم جي ويزن مطابق جمهوريت، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ برابري تي ٻڌل پاڪستان جا بنياد مضبوط بڻائڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪئي. سندس قربانيون ۽ قومي خدمتون اڄ به پوري قوم، خاص ڪري نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيدِ ملت جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي حقيقي تقاضا اها آهي ته سندس اصولن ۽ خيالن کي اختيار ڪندي قومي اتحاد، جمهوري قدرن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪيو وڃي.