لاهور -25 مئي (اي پي پي) وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪوآرڊينيٽر سيف الرحمان ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ کان سواءِ سمورن ٽيڪس چورن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهو درست رخ ۾ اهم قدم آهي، جيڪو قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، شفافيت، جوابدهي ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومتي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.  هن چيو ته حڪومت جو اهو عمل تعريف جوڳو آهي. حڪومت انهن ماڻهن جو گهيراءُ تنگ ڪري جيڪي ڊگهي عرصي کان پنهنجي مالي ذميوارين کان فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪري رهيا آهن ۽ اهو معاشي انصاف طرف هڪ انتهائي ضروري قدم آهي. سيف الرحمان چيو ته ان قدم سان ٽيڪس جي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي لاءِ راهه هموار ٿيندي. هن ان پوري عمل دوران قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب جي آفيس پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.