اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 30 مئي 2025ع تائين ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري پڌرائي موجب پنهنجي ڇهن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم انهن ملڪن جي اڳواڻن سان ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم کي ڀارت سان تازي بحران دوران دوست ملڪن طرفان پاڪستان جي حمايت جي تعريف ۽ انهن جي ڪردار جي اعتراف جو موقعو ملندو. وزيراعظم 29-30 مئي  تي تاجڪستان جي شهر دوشنبي ۾ گليشيئرز تي عالمي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو.