اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستاني راندين جي هر شعبي ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جبل چڙهڻ جهڙي ڏکي راند ۾ پاڪستاني عورتن جو رڪارڊ قائم ڪرڻ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نائله ڪياني کي دنيا جي ٽين بلند ترين چوٽي سر ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نائله ڪياني کي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪرڻ واري پهرين پاڪستاني عورت جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني راندين جي هر شعبي ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. جبل چڙهڻ جهڙي ڏکي راند ۾پاڪستاني عورتن جو رڪارڊ قائم ڪرڻ فخر جوڳو آهي.