ابوظهبي -24 مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي موسميات کاتي چيو آهي، ته مئي ۾ گرمي پد 50.4 ڊگري سيلسيس رهيو جيڪو هلندڙ مهيني ۾ 2003ع کان رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ گرمي پد آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيشنل سينٽر فار ميٽرولوجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي، ته گذريل ڏينهن مقامي وقت مطابق منجهند اڍائي وڳي ابوظهبي جي شهر الشوامخ ۾ سڄي ملڪ کان وڌيڪ 50.4 ڊگري سيلسيس گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.