مڪو شريف -24 مئي (اي پي پي) سعودي پاسپورٽ کاتي اعلان ڪيو آهي، ته هن وقت تائين پرڏيهه مان آيل حج پانڌئيڙن جو انگ 8 لک 20 هزار 665 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي پاسپورٽ کاتي جاري بيان م چيو آهي، ته هن وقت تائين سڀني کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي رستي ذريعي ملڪ پهتا آهن، جن جو انگ 7 لک 82 هزار 358 آهي. زميني رستي مان 35 هزار 468 پانڌيئڙا پهتا جڏهن ته سامونڊي ذريعن مان آيل حج پانڌيئڙن جو انگ 2822 رهيو. پاسپورٽ کاتي فضائي، زميني ۽ سامونڊي رستن تي پانڌيئڙن جي داخلا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ لاءِ سمورن صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.