نئين دهلي -24 مئي (اي پي پي) انڊين نيشنل ڪانفرنس جي اڳواڻ ۽ لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته ڀارت جي پرڏيهي پاليسي تباهه ٿي چڪي آهي جنهن جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر کي جواب ڏيڻ گهرجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب راهول گانڌي ڀارت جي سفارتي معاملن جي حوالي سان ڪيترائي تنقيدي سوال اٿاريندي چيو ته ڪنهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻن ڏکڻ ايشيائي پاڙيسرين وچ ۾ ٽياڪڙي جو اختيار ڏنو ۽ ڪنهن به ملڪ ڀارت جي حمايت ڇو نه ڪئي؟ هن چيو ته ايس جي شنڪر وضاحت ڪري ته ڪنهن هڪ ملڪ به پاڪستان جي مذمت ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڇو نه ڏنو؟ ٽرمپ کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو؟ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي تباهه ٿي وئي آهي. ان کان اڳ راهول گانڌي وزيراعظم مودي کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي چڪو آهي.