سيئول _ 23 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته فوج جي واپسي بابت آمريڪا سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي دفاع واري وزارت گذريل ڏينهن چيو ته ٻيٽ نما ڪوريا سان ڪجهه آمريڪي فوجين جي واپسي جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي وئي. وزارت ان بيان جو اعلان آمريڪي ميڊيا جي ان رپورٽ جي جواب ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته واشنگٽن ڏکڻ ڪوريا کان اٽڪل 4500 فوجين جي واپسي تي غور ڪري رهيو آهي.