واشنگٽن – 22 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ جي 175 ارب ڊالرن جي ميزائل ڊفينس شيلڊ “گولڊن ڊوم” منصوبي جي تازن تفصيلن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن اسپيس فورس جي جنرل مائيڪل گيوٽلين کي ان منصوبي جي سربراهي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ان ميزائل ڊفينس شيلڊ کي چين ۽ روس جي امڪاني حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جنوري ۾ هن پروگرام بابت هڪ حڪم جاري ڪيو هو، جنهن تحت سوين سيٽلائيٽس جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو جيڪو ايندڙ ميزائلن کي ڳولڻ، ٽريڪ ڪرڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وائيٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته آمريڪا جي اسپيس فوج جي جنرل مائيڪل گيوٽلين ان منصوبي جو منتظم هوندو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هيو ته گولڊن ڊوم اسان جي ملڪ جي حفاظت ڪندو. هن اهو پڻ چيو ته ڪينيڊا پڻ پروگرام جو حصو بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. 175 ارب ڊالرن جو هي پروگرام سندس صدارت جي آخر ۾ جنوري 2029 ع تائين فعال ٿي ويندو پر انڊسٽري جا ماهر منصوبي جي مدي ۽ لاڳت بابت گهڻو يقين نه ٿا رکن. هن آمريڪا جي اڳوڻي صدر رونالڊ ريگن جو حوالو ڏيندي چيو ته رونالڊ ريگن ڪيترائي سال اڳ ئي نظام قائم ڪرڻ چاهي پيو پر ان وقت ٽيڪنالاجي نه هئي. ڊونلڊ ٽرمپ جو اشارو خلائي دفاعي نظام ڏانهن هو جيڪو عام طور تي ‘اسٽار وارز’ جي نالي سان مشهور آهي ۽ ان کي صدر رونالڊ ريگن تجويز ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ جي ‘گولڊن ڊوم’ منصوبي کي پڻ سياسي مخالفت ۽ فنڊنگ جي غير يقيني جي صورتحال درپيش آهي . آمريڪا جي سينٽر آف اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز سان واڳيل ٽام ڪراڪو چيو آهي ته “ان جي ڊيٽا پوائنٽ 175 ارب ٻڌائي وئي آهي پر سوال اهو آهي ته ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو.” اهو شايد 10 سال هوندو. ٻئي طرف هلندڙ مهيني ڪانگريس جي بجيٽ آفيس ڪاٿو لڳايو آهي ته گولڊن ڊوم تي ٻن ڏهاڪن دوران 831 بلين ڊالر خرچ ٿيندا.