پيرس-21 مئي (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستاني جي سفير ممتاز زهرا بلوچ فرانس جي اقتصاديات ۽ ناڻي واري وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل آف ٽريزري ڪليئر چيرميٽنسڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن ۽ موقعن، گڏيل قدمن …
پاڪستاني سفير ممتاز زهرا بلوچ جي فرانسيسي عهديدار سان ملاقات

مزید خبریں
پيرس-21 مئي (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستاني جي سفير ممتاز زهرا بلوچ فرانس جي اقتصاديات ۽ ناڻي واري وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل آف ٽريزري ڪليئر چيرميٽنسڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن ۽ موقعن، گڏيل قدمن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي پاسن جي ڪاروباري برادرين سان رابطا هموار ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو. هن پاڪستان – يورپي يونين اقتصادي لاڳاپن ۽ جي ايس پي پلس جي انتظام، گهڻ رخي واپاري نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڊبليو ٽي او جي فريم ورڪ ۾ تعاون جي اهميت سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











