واشنگٽن_ 21 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ آفريقا ۾ 22 نومبر کان ٿيندڙ 2 ڏينهن واري جي -20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي ٻڌڻي دوران چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيندڙ جي - 20 جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. …
آمريڪي صدر پاران جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
واشنگٽن_ 21 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ آفريقا ۾ 22 نومبر کان ٿيندڙ 2 ڏينهن واري جي -20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي ٻڌڻي دوران چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيندڙ جي – 20 جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. هن چيو ته اسان هلندڙ سال ڏکڻ آفريقا جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس يا ته پرڏيهي وزارت جي سطح تي يا صدر جي سطح تي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جو وڏو سبب ان ۾ ڪجهه مسئلا هئا جيڪي هن پنهنجي ايجنڊا ۾ رکيا جيڪي اسان جي خيال ۾ اهي ان انتظاميه جي ترجيحات جي ترجماني نٿا ڪن . واضع رهي ته جي – 20 سربراهي اجلاس 22 ۽ 23 نومبر تي ڏکڻ آفريقا جي شهر جوهانسبرگ ۾ ٿيندو.











