برطانيه پاران والاريل اولهندي ڪناري جي يهودي آبادڪارن تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

لنڊن - 21 مئي (اي پي پي) برطانيه والاريل اولهندي ڪناري ۾ ترسيل ڪيترن ئي يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ، برطانيه انهن يهودي آبادڪارن تي فلسطينين خلاف پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي. ڪجهه اسرائيلي ڪمپنيون پڻ برطانيه پاران لاڳو ڪيل پابندين کان متاثر ٿيون آهن. انهن ۾ نچالا، ليبي ڪنسٽرڪشن اينڊ انفرا اسٽرڪچر لميٽيڊ، هارل ليبي، ڊينيلا ويس ۽ …

لنڊن – 21 مئي (اي پي پي) برطانيه والاريل اولهندي ڪناري ۾ ترسيل ڪيترن ئي يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ، برطانيه انهن يهودي آبادڪارن تي فلسطينين خلاف پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي. ڪجهه اسرائيلي ڪمپنيون پڻ برطانيه پاران لاڳو ڪيل پابندين کان متاثر ٿيون آهن. انهن ۾ نچالا، ليبي ڪنسٽرڪشن اينڊ انفرا اسٽرڪچر لميٽيڊ، هارل ليبي، ڊينيلا ويس ۽ ڪوڪوز فارم آئوٽ پوسٽ شامل آهن. ان کان علاوه ظهر صباح تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو سبب فلسطينين خلاف جارحيت ۽ تشدد جي ڪاررواين جي حمايت ڪرڻ سان منسوب ڪيو ويو آهي.