رياض – 20 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آھي ته ھيستائين دنيا جي مختلف ملڪن مان 42 سيڪڙو حج پانڌيئڙا مملڪت پھچي ويا آھن جن جو انگ 6 لک 70 ھزار کان وڌيڪ آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق حج 2025ع جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان ھوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن کان حج پانڌيئڙا جي قافلن جي عقيدت ۽ احترام سان آمد جو سلسلو جاري آھي. ھوائي رستن کان 5 لک 89 ھزار 200 جڏھن ته زميني رستن کان 17 ھزار ۽ سامونڊي رستي ھڪ لک 4 ھزار حج پانڌيئڙا مملڪت پھچي ويا آھن. حاجي سڳورن اميگريشن سروسز فراھم ڪرڻ واري اداري جوازات چيو آھي ته حاجي سڳورن جي آجيان ۽ انھن کي بھترين سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ اھلڪارن کي مختلف ٻوليون سکاريون ويون آھن ته جيئن حاجي سڳورن جي بھترين انداز ۾ رھنمائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ سعودي گھرو وزارت ٻڌايو ته روٽ ٽو مڪه پروگرام جي شروعات کان ھلندڙ سال 18 مئي تائين 10 لک حج پانڌيئڙن ان مان فائدو حاصل ڪيو آھي. سعودي ويزن 2030ع تحت اھو پروگرام 7 ملڪن جي 11 ايئرپورٽس تي حاجي سڳورن جي سفر جي طريقن کي آسان بڻائي ٿو انھن ملڪن ۾ پاڪستان، ملائيشيا، انڊونيشيا، بنگلاديش، ترڪيه، مراڪش ۽ آئيوري ڪوسٽ شامل آھن. سعودي ريلوي ساز گذريل سال جي ڀيٽ ۾ حج 2025ع لاءِ سيٽن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آھي. ھلندڙ سال حرمين ريلوي ذريعي 20 لک حاجي سڳورن کي سروس فراھم ڪئي ويندي جنھن لاءِ ھلندڙ سال 4 لک سيٽن جو اضافو ٿي سگھندو.