واشنگٽن -20 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته روس خلاف پابنديون سخت نه ڪرڻ يوڪرين ۾ امن جي اميد آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو روس خلاف پابنديون سخت نه ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته يوڪرين ۾ امن لاءِ اڃا به سٺا موقعا موجود آهن. هن چيو ته روس تي پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ سان حالتون اڃا به خراب ٿي سگهن ٿيون.