رياض-19 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . بعد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي – ترڪيه رابطه ڪائونسل جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل ڳڻتي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير سعودي – ترڪيه رابطه ڪائونسل جي ٻي اجلاس جي منٽس تي صحيحيون ڪيون.