ڪيف -19 مئي (اي پي پي) هنگري يوڪرين کي يورپي يونين ۾ شامل ڪرڻ خلاف خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽر سيجارتو چيو آهي، ته يوڪرين کي يورپ جو سڀ کان ڪرپٽ ملڪ هجڻ سبب يورپي يونين ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي ڇو جو اهو ٻين ماڻهن لاءِ ڏوهن جو ذريعو بڻجي ويندو. هن چيو ته يوڪرين يورپ جو سڀ کان بدعنوان ملڪ آهي ۽ جنگ جي حالت ۾ آهي. جيڪڏهن اسان يوڪرين کي يورپي يونين ۾ شامل ڪيون ٿا ته اهو يوڪريني مافيا کي پناهه ڏيندڙ هنڌ بڻجي ويندو. هن تنبيهه ڪئي ته يوڪرين جو يورپي يونين ۾ جلد بازي سان الحاق روس سان سڌي ريت فوجي تڪرار جو سبب بڻجندو.