اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) تحت قائم ڪيل او آءِ سي-15 ڊائلاگ پليٽ فارم جي ٻي وزارتي ڪانفرنس تهران ۾ شروع ٿي وئي، جنهن ۾ اسلامي دنيا ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن کي مصنوعي ذهانت ذريعي هٿي ڏيڻ تي توجهه ڏني ويندي، ڪامسٽيڪ جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر طرفان جاري پڌرائي موجب ”مصنوعي ذهانت ذريعي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جدت، امتيازي حڪمت عملي، اسلامي دنيا جو روشن مستقبل“ جي عنوان سان ٽن ڏينهن جي اجلاس جو مقصد مسلمان ملڪن کي درپيش سائنسي ۽ ترقياتي چئلينجز جو گڏيل حل ڳولڻ ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سائنس جي وزيرن، اعليٰ سطحي نمائندن ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسلامي دنيا لاءِ مصنوعي ذهانت بابت پهريون گهڻ ملڪي معاهدو منظور ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪو اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ گڏيل پاليسي سازي طرف هڪ اهم قدم تصور ڪيو پيو وڃي. وزارتي اجلاس کان اڳ سينئر آفيشلز گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن جي صدارت ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري ۽ ايران جي سائنس واري نائب وزير پروفيسر فرهاد يزدان دوست ڪئي. اجلاس ۾ برونائي دار الاسلام، پاڪستان، انڊونيشيا، سعودي عرب، ترڪيه، ملائيشيا، قازقستان، ايران ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي قيادت ۾ او آءِ سي ڪامسٽيڪ جو اعليٰ سطحي وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جنهن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار آهي. واضح رهي ته او آءِ سي-15 پليٽ فارم جي سيڪريٽريٽ جي ذميواري ڪامسٽيڪ کي سونپي وئي آهي، جيڪو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ سائنسي ڀائيواري ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس دوران ميمبر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفيون ملاقاتون به ٿينديون جڏهن ته هڪ خاص نمائش جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ قازقستان ۾ ٿيل پهرين وزارتي اجلاس جي فيصلن جو به جائزو ورتو ويندو ۽ ايندڙ اجلاس جي تاريخ ۽ هنڌ جو به تعين ڪيو ويندو. او آءِ سي-15 ڊائلاگ پليٽ فارم جي شروعات 2016ع ۾ قازقستان جي تجويز تي ٿي، جنهن کان پوءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنسز ۾ باقائده منظوري ڏني وئي. ان پليٽ فارم تحت ايران، ترڪيه، پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا، نائيجيريا ۽ قازقستان جهڙن اسلامي ملڪن کي سائنسي ترقي، موسمياتي تبديلي، توانائي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي گڏ ڪيو ويندو آهي.