تل ابيب -17 مئي (اي پي پي) اسرائيلي فوج ڇنڇر ڏينهن صبح جو اعلان ڪيو آهي، ته هن غزه جي پٽي ۾ هڪ نئون ۽ وڏو فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فوج سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فورسز غزه جي مختلف علائقن ۾ مڪمل حملا شروع ڪيا ۽ پنهنجي فوج مقرر ڪئي ته جيئن انهن علائقن تي عملي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي. فوج مطابق اهي ڪارروائيون جنگ جو مقصد حاصل ڪرڻ جو حصو آهن، جن ۾ قيدين جي آزادي شامل آهي. ان کان اڳ اسرائيل جي سڌ سماءَ وارن ذريعن ٻڌايو هو ته اهي ڪارروائيون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر جي دوري کان پوءِ وسيع ڪيون وينديون، ان شرط تي ته ان وقت تائين غزه بابت ڪو نئون معاهدو نه ٿو ٿئي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ نار ملڪن جو پنهنجو ڪيترن ئي ڏينهن تي ٻڌل دورو مڪمل ڪري ورتو ۽ هن وقت تائين ڪنهن نئين معاهدي جي ڪا صورت نظر نه پئي اچي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر چيو آهي، ته غزه م امداد پهچائڻ لاءِ ڪنهن متبادل آمريڪي منصوبي تي وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن وٽ ان مقصد لاءِ هڪ قابل اعتماد منصوبو موجود آهي ۽ هڪ لک 60 هزار امدادي پئڪيج غزه ۾ داخل ۽ تيار آهن.