ڪراچي - 16 مئي(اي پي پي) سنڌ اسيمبلي گڏيل طور تي هڪ جامع قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ پاڪ فوج جي بهادري تي کين خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته پهلگام واقعي تي ڀارت جو ردعمل اشتعال انگيز بيانن تي ٻڌل هو ۽ سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان سندن اختيار کان ٻاهر هو ان ڪري پاڪستان مٿن …
سنڌ اسيمبلي پاران گڏيل طور تي هڪ جامع قرارداد منظور، پاڪ فوج جي بهادري تي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي – 16 مئي(اي پي پي) سنڌ اسيمبلي گڏيل طور تي هڪ جامع قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ پاڪ فوج جي بهادري تي کين خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته پهلگام واقعي تي ڀارت جو ردعمل اشتعال انگيز بيانن تي ٻڌل هو ۽ سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان سندن اختيار کان ٻاهر هو ان ڪري پاڪستان مٿن واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته پاڻي جي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي جنگ جو اعلان سمجهيو ويندو. هن چيو ته ڀارت جي اهڙن قدمن سندن اصل ارادن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ خاص طور تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ‘گجرات جو قاتل’ قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسيمبلي ۾ پيش ٿيل قرارداد ‘يومِ تشڪر’ تي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا قرارداد صحت بابت وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو پيش ڪئي. ان موقعي تي هن پاڪ فوج کي سرحدي جنگ ۾ جرئتمنداڻي ۽ مؤثر ردعمل تي خراج تحسين پيش ڪيو. سنڌ اسيمبلي گڏيل طور تي هڪ جامع قرارداد منظور ڪئي ۽ پاڪ فوج جي بهادري تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي پاران پاڪ فوج سان مڪمل ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو. وڏي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي جذباتي خطاب ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان هڪ غير جانبدار تحقيقات جي آڇ ڪئي هئي، هن چيو جيڪڏهن ڀارت مخلص هجي ها ته اسان جي آڇ کي قبول ڪري ها پر لڳي ٿو ته ڀارت جي مقدر ۾ ذلت لکيل آهي. هن ٻڌايو ته 7 مئي تي ڀارت اسان جي سرحدي علائقي ۾ ميزائل حملا ڪيا جن ۾ شهري علائقن ۽ عبادت گاهن کي نشانو بڻايو. ساڳئي ڏينهن شام جو پاڪستان ايئر فورس جي جوانن ڀارت جي جنگي جهازن کي ڪيرايو ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. 8 مئي تي موڪليل 85 ڊرونز کي به ڪرايو ويو. سنڌ جي عوام پنهنجي پهرين شهيد، گھوٽڪي جي مختيار لغاري جو سوڳ ملهايو جنهن جو والد ايدن لغاري پڻ ان حملي ۾ زخمي ٿيو. ڪراچي جي اوڀر ۾ به ڊرون حملو ٿيو جن ۾ هڪ سيڪيورٽي آفيسر زخمي ٿيو. وڏي وزير ڀارتي ميڊيا جي منفي ۽ ڪوڙي رپورٽنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن جون تصويرون هڪ ڪارٽون جهڙيون نظر اچن ٿيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي مڪمل جنگي تياري جا پروٽوڪول فعال ڪري ڇڏيا هئا. هن چيو ته 10 مئي تي پاڪستان ‘بنيان مرصوص’ آپريشن شروع ڪيو جيڪو فقط ٽن ڪلاڪن ۾ عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاڪستان سان فوراً 8:15 وڳي رابطو ڪيو ۽ جنگ بندي جي درخواست ڪئي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته پاڪستان جي بهادر جوانن 26 اهم ڀارتي فوجي ۽ اسٽرٽيجڪ هنڌن کي نشانو بڻايو جن ۾ اڌمپور ايئر بيس، نارٿ ڪمانڊ، پٺاڻ ڪوٽ، سرسا، بهاولپور، امبالا، جالنڌر، فيروزپور ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي ميزائل فائر ڪيا.هن چيو ته ڀارت انهن ڪارروائين مان حيران ٿي ويو ڇو ته پاڪستان جي تيز ۽ درست ردعمل انهن جي اميدن کي ختم ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان اسرائيلي ڊرونز ۽ فرانس جي جهازن کي به ڪيرايو. وڏي وزير چيو ته ڀارت وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ باوجود پنهنجي فوجي طاقت کي پاڪستان آڏو هارائي ڇڏيو جنهن ۾ فرانس، آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين جا هٿيار شامل آهن. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ وڏي وزير قوم کي اپيل ڪئي ته هو انهن سڀني شهيدن کي هميشه ياد رکن جن هن ملڪ لاءِ حياتيون قربان ڪيون جن ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جا باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان شامل آهن. مراد علي شاهه انهن کي قومي هيرو قرار ڏنو. مراد علي شاھ چيو ته اسان جون ٽئي فوجون، انهن جا سربراهه، آفيسر ۽ هر سپاهي اسان جي بي انتها عزت ۽ شڪرئي جا مستحق آهن. هن سڀني اسمبلي ميمبرن کان قرارداد جي گڏيل منظوري جي اپيل ڪئي.سنڌ اسيمبلي بعد ۾ هي قرارداد مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪئي جيڪا پاڪستاني قوم ۽ ان جي عظيم فوج جي اتحاد، حوصلي ۽ بهادري جو مظاهرو ثابت ٿي.











