رياض – 16 مئي (اي پي پي) سعودي خلائي ايجنسي ۽ آمريڪي خلائي ايجنسي (ناسا) وچ ۾ خلا جي موسم جو مطالعو ڪرڻ لاءِ وقف پهرين سعودي سيٽيلائٽ کي آرٽميس 2 مشن تحت لانچ ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم خلائي شعبن ۾ سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ جولاءِ 2024ع ۾ ٻنهي حڪومتن وچ ۾ صحيحيون ٿيل فريم ورڪ معاهدي کي فعال ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. اهو معاهدو ڌرين وچ ۾ هڪ معاهدي تي صحيحين دوران طئي ٿيو جنهن کي سعودي عرب جي عالمي آرٽميس معاهدي ۾ شموليت ۾ توسيع سمجهيو پيو وڃي. اهو پرامن مقصدن لاءِ چنڊ، مريخ، اپگرهن ۽ پڇڙ تارن جي ڳولا لاءِ هڪ عالمي اتحاد آهي.