ڪراچي _16 مئي (اي پي پي) حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ بابت شاندار تقريب پاڪستان جي باني جي مزار تي منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر ليفٽنٽ جنرل محمد اويس دستگير قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه پڙهي. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل اويس دستگير مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا.