واشنگٽن _16 مئي (اي پي پي) آمريڪا لبناني گروپ حزب الله جي ٻن سينيئر عهديدارن ۽ ان گروپ جي مالي سهڪار ۾ ملوث ٻن سهولتڪارن تي نئيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي ناڻي کاتي جي نائب وزير مائيڪل فولڪنڊر بيان ۾ چيو ته پابندين جو نشانو بڻايل ماڻهو لبنان ۽ ايران ۾ ترسيل آهن ۽ انهن پرڏيهي عطيو ڏيندڙن کان حزب الله کي رقم پهچائڻ لاءِ ڪم ڪيو. آمريڪي ناڻي واري کاتي چيو ته پرڏيهي عطيا گروپ جي بجيٽ جو هڪ اهم حصو آهن . هن چيو ته پابندين جو قدم حزب الله کي عطيو ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جي حامين جو نيٽ ورڪ ذريعي گروپ جي وسيع عالمي رسائي جو سبب آهي. واضح رهي ته آمريڪا مارچ جي آخر ۾ لبناني گروپ حزب الله بابت 5 ماڻهن ۽ 3 ادارن تي پابنديون لاڳو ڪيون هيون، آمريڪي پرڏيهي کاتي بيان ۾ چيو هو ته پابندين ۾ حزب الله جي مالياتي ٽيم کي نشانو بڻايو ويو آهي جيڪا گروپ لاءِ آمدني پيدا ڪندڙ واپاري منصوبن ۽ تيل جي اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪندي آهي. ناڻي واري کاتي وڌيڪ چيو ته پابندين ۾ حزب الله جي سينيئر عهديدارن جي خاندان جا ماڻهو ۽ انهن جا ويجها ساٿي به شامل آهن.