اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي ائٽمي هٿيارن بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏنل ريمارڪس جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهي غيرذميواراڻا ريمارڪس روايتي طريقن سان ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي موثر دفاع ۽ ڊيٽرنس جي حوالي سان ان جي گهري عدم تحفظ ۽ مايوسي کي ظاهر ڪن ٿا. ترجمان چيو ته خود ساخته ”ائٽمي بليڪ ميل“ کانسواءِ جيڪو نئين دهلي کي درپيش آهي، پاڪستان جون روايتي صلاحيتون ڀارت کي روڪڻ جي لاءِ ڪافي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير جا تبصرا به آءِ اي اي اي جهڙين گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسي جي مينڊيٽ ۽ ذميوارين کان انهن جي لاعلمي کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته آءِ اي اي اي ۽ عالمي برادري کي ڀارت ۾ ائٽمي ۽ تابڪار مواد جي بار بار چوري ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي واقعن بابت فڪرمند ٿيڻ گهرجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل سال ڀارت جي دهرادون ۾ ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائس سان گڏ 5 ماڻهو مليا هئا جڏهن ته ان کانپوءِ هڪ گروهه جنهن وٽ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مادو ڪيليفورنيا جنهن جي ماليت 100 ملين آمريڪي ڊالر هئي، جي به خبر پئجي وئي هئي. 2021ع ۾ ڪيليفورنيا جا ٽي واقعا پڻ رپورٽ ٿيا، اهي بار بار ٿيندڙ واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مواد جي حفاظت جي لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان لڳائين ٿا. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مواد جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا. بيان موجب پاڪستان انهن واقعن جي مڪمل جاچ تي زور ڏي ٿو ۽ ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ هٿيارن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.