ڀوپال-15 مئي (اي پي پي) ڀارتي رياست مڌيه پرديش ۾ هاءِ ڪورٽ ڪرنل صوفيه قريشي جي حوالي سان تڪراري تبصرو ڪرڻ تي بي جي پي وزير وجئه شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج مسلمان ڪرنل صوفيه قريشي پاڪ ڀارت تازي جنگ دوران فوجي ترجمان طور ذميواري ادا ڪئي ۽ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي رهي. وجئه شاهه هڪ عوامي جلسي کي خطاب دوران صوفيه کي پاڪستانين جي ڀيڻ قرار ڏنو هو جنهن تي سندس خلاف ڀارت ۾ هڪ هنگامو مچي ويو هو جنهن تي مڌيه پرديش هاءِ ڪورٽ معاملي جوپاڻمرادو نوٽيس وٺندي چيو ته وجئه شاهه خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، عدالت معاملي جي اڄ ٻڌڻي ڪندي.