سرينگر – 15 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي (پي ڊي پي) جي صدر محبوبه مفتي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ، جنگ سان رڳو معصوم حياتين جو نقصان ٿئي ٿو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي سرينگر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبندي کي برقرار رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته هو امن لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪن. هن چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، جنگ سان موت ۽ تباهي کانسواءِ ڪجهه حاصل ناهي ٿيندو، بيگناهه ماڻهو ماريا ويندا آهن. هن جنگبندي جي مخالفت ڪندڙ ماڻهن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو ايئرڪنڊيشنڊ اسٽوڊيوز ۽ ڊرائنگ رومز ۾ آرام سان ويهي جنگبندي تي سوال اٿارين ٿا کين گهرجي ته هو پنهنجي خاندان سان گڏ سرحدن تي وقت گذارين ته جيئن موت ۽ تباهي جي روزاني جي حقيقت کي سمجهي سگهن.