تهران – 15 مئي (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران 2 مئي تي طئي ٿيل اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ 16 مئي تي ترڪيه ۾ پنهنجي ايٽمي معاهدي تي يورپي ڌرين سان ڳالهيون ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته 11 مئي تي منعقد ايران-آمريڪا ڳالهين جو چوٿون دور ڏکيو هو ڇاڪاڻ ته سندن سڄو ڌيان يورينيم رچاءَ جي تڪراري مسئلي تي هو. هن وڌيڪ اميد ظاهر ڪئي ته ايران جو بنيادي موقف بهتر طور سمجهڻ بعد ٻي ڌر جو رويو وڌيڪ حقيقت پسنداڻو هوندو.