سعودي عرب پاران ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي سالياني "وومين ان سينيما گالا” لاءِ جيڪولين فرنينڊس سميت 7 عورتن جي نالن جو اعلان

رياض-15 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول پنهنجي سالياني 'وومين ان سينيما گالا' لاءِ ستن عورتن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ان تقريب ۾ عورت فلم سازن، تخليقڪارن، اداڪارن ۽ ايگزيڪيوٽوز جي ڪاميابين کي ساراهيو ويندو آهي جن تفريحي صنعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هلندڙ سال جو اعزاز حاصل ڪندڙ شخصيتن ۾ دنيا جي مختلف شعبن جون باصلاحيت …

رياض-15 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول پنهنجي سالياني ‘وومين ان سينيما گالا’ لاءِ ستن عورتن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ان تقريب ۾ عورت فلم سازن، تخليقڪارن، اداڪارن ۽ ايگزيڪيوٽوز جي ڪاميابين کي ساراهيو ويندو آهي جن تفريحي صنعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هلندڙ سال جو اعزاز حاصل ڪندڙ شخصيتن ۾ دنيا جي مختلف شعبن جون باصلاحيت عورتون شامل آهن. جن ۾ زمبيا ۽ ويلز سان تعلق رکندڙ ليکڪه ۽ هدايتڪار رنگانو نيوني به شامل آهي جنهن جي فلم ‘آءِ ايم ناٽ اي وِچ’ کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي آهي. جيڪولين فرنينڊس ڪيترين ئي ڪامياب بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. مصر جي اداڪاره امينه خليل، جنهن جي اداڪاري جديد مصري سينيما کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. الهام علي هڪ سعودي اداڪاره آهي جيڪا مقامي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿي.. شام جي فلمساز گايا جيجي، جنهن جون فلمون شام جي شهرين جي زندگي جي پيچيدگين کي ظاهر ڪن ٿيون. سارہ طيبه هڪ سعودي فلمساز ۽ فنڪار آهي. هوءَ پنهنجي فن ذريعي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي گڏيل ناتن کي پيش ڪري ٿي. 2022 ۾ قائم ڪيل وومين ان سينيما گالا، هر سال ڪينز ۾ ريڊ سي فلم فائونڊيشن پاران منعقد ڪيو ويندو آهي. هيءَ تقريب ڊو ڪيپ هوٽل ۾ ٿيندي آهي ۽ ان جو مقصد انهن عورتن کي اجاگر ڪرڻ آهي جيڪي عرب دنيا، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجي ڪيريئر ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. گذريل سال جي اعزازن ۾ مصر جي اداڪارا ۽ ماڊل سلميٰ ابوضيف، ڀارتي اداڪارا ڪيارا آڏواڻي، ٿائي اداڪارا، ماڊل ۽ ڳائڻي سروچا چانڪهما، سعودي اداڪارا اضوي فهد، سعودي ڳائڻي ۽ اداڪارا اسيل عمران ۽ فرانس-سينيگال جي ڊائريڪٽر راماتا تولائي شامل آهن.