رياض/نيويارڪ-14 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪاروباري شخصيت ٽيسلا ۽ ايڪس اي آءِ جي باني ايلون مسڪ چيو آهي ته اسٽار لنڪ جي استعمال جي اجازت ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورائتو آهيان. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي – آمريڪي سيڙپڪاري فورم دوران مصنوعي ذهانت جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ واري اجلاس ۾ ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته هو نيويگيشن ۽ هوابازي جي مقصدن لاءِ ”اسٽار لنڪ“ جي استعمال جي منظوري ڏيڻ تي سعودي عرب جو شڪريو ادا ڪري ٿو. ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته اسان پاڻمرادو هلندڙ گاڏيون سعودي عرب آڻينداسين. هن چيو ته ذاتي روبوٽ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا جيڪو اوهان چاهيو ٿا. هن چيو ته ڪنهن اهڙي هڪ روبوٽ جو مالڪ ٿيڻ هڪ خوبصورت شيءَ آهي. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته اسان هڪ بنيادي طور تي مختلف دنيا ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ مون کي اهو به لڳي ٿو ته هي هڪ نئين ۽ دلچسپ دنيا آهي. مون کي لڳي ٿو ته هر ڪو ان روبوٽ کي پنهنجو ذاتي مددگار بنائڻ چاهيندو. هن چيو ته هي معاشي امڪانن کي کوليندو ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان سوچيون ٿا ته معيشت ۾ ان جا نتيجا ڪهڙا آهن ته هي في ڪس پيداواري صلاحيت کي آبادي سان ضرب ڏيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ دفعو جڏهن اوهان وٽ هي انساني روبوٽ هوندا ته معاشي پيداوار تمام گهڻي ۽ لامحدود ٿي ويندي. اسان موجوده عالمي معيشت کان ڏهوڻ تي وڏي معيشت حاصل ڪري سگهنداسين. هن نشاندهي ڪئي ته مصنوعي ذهانت ۾ هي ترقي عالمي بنيادي آمدني جي سطح ۾ اضافي ۾ مددگار آهي. ان سان هر ڪو پنهنجون گهربل شيون ۽ خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿو. ايلون مسڪ چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ايڪس اي آءِ جو مقصد ڪائنات کي سمجهڻ ۽ اهو سمجهائڻ آهي ته ان ۾ ڇا آهي ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن چيو ته منهنجو فلسفو تجسس ۽ ڪائنات جي نوعيت کي سمجهڻ جي محبت تي ٻڌل آهي.