برسلز-14 مئي (اي پي پي) يورپي يونين، بيلجيم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي، بيلجيم ۾ روس جي سفير اليگزينڊرتو ڪوونن ۽ بيلجيم ۾ جاپان جي سفير ماساهيرو ميڪامي سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. بيلجيم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب پاڪستاني سفير، روس جي سفير کي ڀارتي جارحيت کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن، پاڪ -روس لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير رحيم حيات قريشي، بيلجيم ۾ جاپان جي سفير ماساهيرو ميڪامي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌرين، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي ۽ سياسي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.