گڏيل قومون-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي غزه ۾ مڪمل امدادي ناڪابندي جي حوالي سان فلسطينين جي تڪليفن جي خاتمي لاءِ فوري ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطيني عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جلد بازي جو مظاهرو ڪري. هن غزه ۾ انساني همدردي جي صورتحال ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ بابت بريفنگ دوران چيو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ انساني الميو تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، هن چيو ته غزه ۾ شهري آبادي جي منظم تباهي بک، لڳاتار چڙهائي ۽ انساني همدردي جي فن تعمير کي هدف بڻائي ختم ڪرڻ حادثاتي ناهي. پاڪستاني سفير نشاندهي ڪئي ته اسرائيل غزه ۾ پنهنجي طاقت ذريعي جارحيت ڪري رهيو آهي جنهن جو نشانو اسرائيل معصوم فلسطينين کي بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو آهن جن ۾ اڌ انگ ٻارن جو آهي جيڪي تمام گهڻين ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته غزه ۾ امداد مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي، غزه ۾ اسپتالون تباهه ٿي چڪيون آهن، ڪيترائي خاندان ملبي هيٺان دٻيل آهن ۽ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٽئين ٻار مان هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. عاصم افتخار چيو ته اسپتالن، امدادي قافلن، انساني همدردي جي ڪارڪنن ۽گڏيل قومن جي عملي تي حملن ۾ 290 اهلڪار فوت ٿي چڪا آهن، هن غزه ۾ مستقل ۽ غير مشروط جنگ بندي تي زور ڀريندي چيو ته 2 مارچ کان مڙهيل ناڪابندي کي ختم ڪيو وڃي ۽ امدادي قافلن ۽ طبي ٽيمن کي محفوظ ۽ آزاد طريقي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جنگ جي هٿيار طور فلسطينين جي غذائي امداد بند ڪرڻ هڪ سنگين ڏوهه آهي، هن چيو ته اها گڏيل سزا ختم ڪندي احتساب کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.